سر رابرٽ فرانسِس مُودي

سر رابرٽ فرانسِس مُودي: جنوري 1947ع ۾ مسٽر هوچ ڊاؤ جي جاءِ تي سر رابرٽ فرانسس مُوديءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جيڪو 13 آگسٽ 1947ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. هي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جو آخري گورنر ثابت ٿيو. سر رابرٽ فرانسس موديءَ جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو بل پاس ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو